آزاد سنڌ 2

آزاد سنڌ (اخبار)2: هيءَ هفتيوار سنڌي اخبار 1946ع ڌاري جاري ٿي. هن اخبار جو بانيڪار مير خان ٽالپر'>بنده علي خان ٽالپر ۽ ايڊيٽر قادر بخش نظاماڻي هو. هن اخبار ۾ سنڌ جي تڏهوڪي سياسي صورتحال، تحريڪ پاڪستان، سنڌ تي ٽالپرن جي حاڪميت، انگريزن سان جنگين وغيره بابت مضمون لکيل آهن. اخبار ۾ سنڌيءَ سان گڏ انگريزيءَ ۾ به ڪي اهم مضمون شايع ڪيا ويندا هئا. هيءَ اخبار پاڪستان پرنٽنگ پريس، بندر روڊ، ڪراچيءَ مان شايع ٿيندي هئي. قيمت ٽي آنا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو